جمن دربدر

جمن دربدر

جمن دربدر

جمن دربدر: ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو“ جھڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن جمن ’دربدر‘ جو تعلق ساند قبيلي سان هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين هاري ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيو. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان Budder ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو.1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪئي. عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيا، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس هو. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جھڙوڪ: (1) ’بدنصيب ٿري‘، (2) ’سکن وارو سج‘، (3) ’گلن واري ڇوڪري‘، (4) ’آس‘، (5) ’ڏک ۽ ڏڪار‘، (6) ’چنڊ لڳي ٿو لولو‘، (7) ’ٽرڙو عاشق‘، (’لڱ به منھنجا لوهه‘، (9) ’جابر وڏيرو‘. جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن. اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر رهيو، اهڙيءَ ريت هن پھرين باقاعدي جيئي سنڌ محاذ ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سرگرم سياست ڪئي. هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري شروع ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشھور ٿيو، جنھن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر اچاريندو ۽ ورجائيندو هو ۽ هن پنھنجن ڪيترن ڪتابن ۾ حوالي طور ڏنو آهي ۽ هڪ هنڌ ان جو انگريزي ترجمو به شامل ڪيو: وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو. سائين جي. ايم. سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به اهو شعر لکيل آهي. جمن دربدر جو ڪيترو ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو. سندس شاعري مشھور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار هو. هو اسٽيج تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهيو. هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام حاصل ڪيا. سائين جي. ايم. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به سندس ويجهڙائي رهي. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به هن ڀرپور حصو ورتو، ’وٺي هر هر جنم وربو‘ جي نالي سان سندس آتم ڪھاڻيءَ جو ڪتاب، روشني پبليڪيشن پاران شايع ڪيل آهي. 20 آڪٽوبر 2022ع تي دل جي دوري سبب ڳوٺ روحل واءِ ۾ وفات ڪئي


لفظ جمن دربدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.05.12  عيسوي

جمن دربدر 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو .


2022.10.20  عيسوي

جمن دربدر 20 آڪٽوبر 2022ع تي دل جي دوري سبب ڳوٺ روحل واءِ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھبچايو فقير
شيخ اسحاق ملا اربعائي
شهزادي
پير محمد زمان شاهه هاشمي
گل آغا
ثناءُ الله عباسي ڊاڪٽر
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
شير شاهه سوري
سيد دادن شاهه جهانيان
ٻيڙيءَ وارو سنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون